اسلام آباد:چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي نالي واري تختيءَ تان چيف جسٽس جو لفظ هٽائي رڳو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عدالتي اسٽاف کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماڻهو خوشيءَ سان سپريم ڪورٽ نه ٿا اچن، پنهنجا مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، توهان ماڻهن سان اهڙو سلوڪ ڪيو جيئن ڪو ميزبان مهمان سان ڪندو آهي، چيف جسٽس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪرڻ کان اڳ سمورن ججز جو فل ڪورٽ اجلاس سڏايو، فل ڪورٽ اجلاس ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سرڪاري ٽي وي تان لائيو ڏيکارڻ تي اتفاق ڪيو ويو، التويٰ جو شڪار ڪيسن کي ترجيحي بنياد تي اڪلائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.