ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ٻوڏ متاثر نينگريءَ سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ وڌيڪ 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن
پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان جوابدار غلام شبير کي ڊفينس مان گرفتار ڪيو ويو
پوليس موجب، واقعي بعد فرار ٿي ويل ٻئي جوابدار خالد لنڊ کي ٽنڊو الهيار مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن جا ڊي اين اي جزا وٺي چڪاس لاءِ ليب اماڻيا ويندا
پوليس واقعي جي جاچ دوران هيل تائين 7 جوابدار گرفتار ڪري چڪي آهي
ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر نينگري ڪلفٽن واري رليف ڪيمپ ۾ ترسيل هئي، جوابدار راشن ڏيارڻ بهاني نينگريءَ کي ڪار ۾ ويهاري کڻي ويا ۽ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو
ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس متاثر نينگريءَ سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي آءِ جي ڏکڻ کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته جاچ آفيسر واقعي جي رپورٽ سميت پيش ٿين، ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڪيس ٽريس ٿي ويو آهي، اڄ ميڊيا کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو
ھي به پڙھندا
ڪراچي: ٻوڏ متاثر ٻارڙيءَ سان گينگ ريپ: 5 جوابدار گرفتار، ڊي اين اي جزا ورتا ويا