سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال خلاف ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو
جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ اڪثريتي راءِ سان جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال خلاف ريفرنس ٻڌڻ جوڳو نه هئڻ جي بنياد تي خارج ڪيو ويو، جاويد اقبال ريفرنس داخل ٿيڻ وقت جڊيشل ڪائونسل جو فورم موجود نه هو
جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجازالاحسن، بلوچستان ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس شريڪ ٿيا، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جي به جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت