اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڇا چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ تي فُل ڪورٽ ريفرنس ٿيندو؟ اهڙي سوال جو جسٽس عمر عطا بنديال جواب ڏيندي چيو ته ڇا اڄ وارو ريفرنس ڪافي ناهي؟ هڪ ئي ماڻهو کي ٻڌي ٻڌي بوريت ٿيندي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان به انتظار ڪري رهيا آهيون، جيئن ئي خبر پوندي ته ٻڌائي ڇڏينداسين، چيف جسٽس عمر عطا بنديال اڄ چيو ته شايد هي سندس آخري خطاب آهي، نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالتي روايتن تحت خميس ڏينهن ساٿي ججز لاءِ ڊنر جي دعوت ڪندو.