اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ۽ سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گڏجي ٻوٽو لڳايو، سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي باغ ۾ گڏجي ٻوٽو لڳائي رهيا آهن، ان موقعي تي ٻنهي ججز ۾ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه به ٿي، وڻڪاري مهم ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله به شرڪت ڪئي، ان  موقعي تي صحافي چون ٿا ته هي ٻوٽو ئي وڌي وڻ ٿيندو جنهن دوران جسٽس فائز ۽ چيف جسٽس به ٽهڪ ڏين ٿا، چيف جسٽس چيو ته هن ٻوٽي تي نظر رکندا ان کانپوءِ چيف جسٽس بنديال ۽ جسٽس فائز هڪ ٻيو ٻوٽو به لڳايو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته الله اسان جي اداري لاءِ بهتر ڪري، الله سڀني لاءِ ۽ اداري لاءِ برڪت وجهي.