اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي حلف برداري کان پوءِ ساٿي ججز کي مانجهاندي جي دعوت ڏئي ڇڏي، موجوده چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال 16 سيپٽمبر تي نوڪري جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ رٽائرڊ ٿي ويندو، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج قاضي فائز عيسيٰ نئين چيف جسٽس پاڪستان جو حلف کڻندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حلف برادري کان پوءِ ساٿي ججز کي مانجهاندي جي به دعوت ڏني آهي. ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان مانجهاندي جي دعوت 17 سيپٽمبر  لاءِ ڏني وئي آهي جنهن ۾ موجوده چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال کي به گهرايو ويو آهي.