اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس بلاڪ تي حملي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي. عدالت سمورن 36 وڪيلن جي خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي ختم ڪندي ڪيس ڊسچارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيلن پاران ميمبر اسلام آباد بار ڪائونسل عادل عزيز قاضي، سينيئر قانوندان بابر اعواڻ ۽ بار ايسوسئيشن جا عهديدار عدالت آڏو پيش ٿيا. عادل عزيز قاضي دليل ڏيندي چيو ته 2021 جو ڪيس آهي. آخري ٻڌڻي تي عدالت بيان حلفي گهريا هئا جيڪي جمع ڪرايا ويا هئا. اسلام آباد بار ڪائونسل مان به ڪيس ڊسچارج ٿي ويو آهي. بابر اعواڻ چيو ته هڪ واقعو هڙتال سبب ٿيو هيو. پر پوليس ڪجهه وڌيڪ ئي ٻڌائي ڇڏيو. منهنجي استدعا آهي ته پنج سالن کان وڌيڪ جو عرصو کان ڪيس هلي رهيو آهي. هاڻي ختم ڪيو وڃي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد سمورن وڪيلن جي خلاف جاري توهين عدالت جي ڪاروائي ختم ڪندي ڪيس ڊسچارج ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو.