اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري لاءِ اسپيڪر کي پارلياماني ڪاميٽي جوڙي ڏيڻ جي درخواست ڪندي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جي 6 ميمبرن جا نالا موڪلي ڇڏيا آهن، عمر ايوب خان طرفان اسپيڪر کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي قيام بابت مشاورتي عمل شروع ڪرڻ لاءِ 15 جنوري 2025ع تي موڪليل درخواست جي تناظر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ياد ڏياري رهيو آهيان ته اليڪشن ڪمشنر جي مدت مڪمل ٿيڻ کي ڪافي وقت گذري چڪو آهي، تنهنڪري مقرري جو عمل تيز ڪيو وڃي۔ هن چيو ته مقرر ڪيل طريقيڪار ۽ گهربل مشاورت تحت مان مخالف ڌر جي بينچن مان ڪاميٽي لاءِ نالا تجويز ڪري رهيو آهيان، عمر ايوب قومي اسيمبلي مان اسد قيصر، گوهر علي خان، صاحبزاده حامد رضا، لطيف کوسه ۽ سينيٽ مان شبلي فراز ۽ علامه راجا ناصر عباس کي پارلياماني ڪاميٽي لاءِ نامزد ڪيو آهي۔ عمر ايوب خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 213 (بِي ٽُو) تحت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري لاءِ ڪاميٽي جو قيام فوري طور تي عمل ۾ آندو وڃي.