ڪرمپور : ضلعي ڪائونسل ڪشمور_ڪنڌڪوٽ جي ميمبرن الزام هنيو آهي ته ضلع چيئرمين گل محمد جکراڻي، سي ايم او بگن نندواڻي بينڪ مينيجر خالد لاشاري جي ملي ڀڳت جي ڪري مبينا جعلي بلز ذريعي اڪائونٽ مان پگهارن کان علاوه لڳ ڀڳ 40 ڪروڙ گم ڪيا ويا آهن . ميمبرن آدم خان رند، صنم مزاري، محمد خان کوسو موجب ضلع ڪائونسل جي سنڌ بينڪ ڪنڌڪوٽ جي اڪائونٽ مان ٺل برانچ، شڪارپور برانچ ، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻو برانچ سميت مختلف بينڪن ۾ رقم ٽرانسفر ڪري ڪڍرائي وئي. اسٽيٽمينٽ مطابق جولاء مهيني ۾  ساڍا 3 ڪروڙ آگسٽ مهيني ۾ لڳ ڀڳ چار ڪروڙ ڪڍرايا ويا. سيپٽمبر ۾ 2 ڪروڙ 90 لک، آڪٽوبر ۾ 5 ڪروڙ 62 لک نومبر مهيني ۾ ٻه ڪروڙ 16 لک اڪائونٽ مان نڪتا. ڊسمبر ۾ 2 ڪروڙ 30 لک نڪري ويا جنوري ۾ چار ڪروڙ 25 لک فيبروري ۾ 6 ڪروڙ 11 لک جي ٽرانزيڪشن ٿي مارچ مهيني ۾ 3 ڪروڙ 20 لک اپريل مهيني ۾ ساڍا چار ڪروڙ مئي مهيني ۾  26 لک جي اڪائونٽ مان نڪري ويا جنهن کانپوء ضلع ڪائونسل جي اڪائونٽ ۾ صرف 74 رهجي ويا ضلع ڪائونسل جي اڪائونٽ ۾ 50 ڪروڙ هجڻ  40 ڪروڙ جي ڪرپشن واري اسان جي دعوي’ سچ ثابت ٿي آهي گل محمد جکراڻي ميڊيا تي غلط بياني ڪئي اسان سڀ ثبوت پيش ڪيا آهن ادارا ميگا ڪرپشن جو نوٽيس وٺن.