چوھڙجمالي(رپورٽ: حميد الله ميمڻ) چوھڙجمالي شھر ۾ گذريل ٻن مھينن کان بدامني ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ۽ منشيات جي سري عام وڪرو ٿيڻ خلاف شھرين ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي شاهبندر پاران منظور مگسي، شريف ڪلمتي، ڪاڪا اشفاق ميمڻ، عطا محمد بنگلاڻي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شھرين ٽائون ڪاميٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، انھيءَ موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل ٻن مھينن کان شھر مان چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، وڌندڙ بدامني خلاف اسان وفد جي صورت ۾ ايس ايس پي سجاول کي شڪايت ڪئي پر ڪو به نوٽيس ناھي ورتو، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته چوھڙجمالي ٿاڻي ايس ايڇ او تبديل ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن بدامني ۽ منشيات تي ضابطو اچي سگھي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.