ميڪسيڪو سٽي (انٽرسٽنگ نيوز) ميڪسيڪو جي هڪ يونيورسٽي ۾14 هزار 360 تازي ڊبل روٽي (بريڊ) مان 4.5 ڪلوميٽر ڊگهي قطار ۾ تيار ڪري گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي.  ميڪسيڪو جي رياست باها ڪيليفورنيا ۾ ويزڪيا ميڪيڪلي يونيورسٽي جي شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن هڪ روايتي بريڊ سان 4.5 ڪلوميٽر ڊگهي لائين ٺاهي. ان موقعي ي گينيز ورلڊ رڪارڊ جو نمائندو ان جاءِ تي تصديق ڪرڻ جي لاءِ موجود هو. اڳوڻو رڪارڊ 9 هزار 874 فوٽ، 2.15 انچ جي هڪ قطار جو هو جيڪو 2020 ۾ ميڪسيڪو جي شهر ٽزيمان ۾ قائم ڪيو ويو هو. يونيورسٽي موجب اهڙو رڪارڊ قائم ڪرڻ جي لاءِ 440 ماڻهن 90 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ڪم ڪيو.