اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جھانگيري پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ٻيهر گرفتاري تي داخل توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. ڪالهه آءِ جي ۽ ڊي سي اسلام آباد کان سواءِ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران پٽيشنر پاران سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ ۽ سردار شهباز ايڊووڪيٽ پيش ٿيا. عدالت چيو ته هن عدالت اهڙو ڪو حڪم ناهي ڏنو ته پرويز الاهي تي ڪو ٻيو ڪيس هجي ته به گرفتار نه ڪيو وڃي. ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هجي ته پوءِ توهين عدالت ٿئي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيوته عدالت جي حڪم تي پرويز الاهي کي آزاد ڪيو ويو آهي، جسٽس طارق محمود جھانگيري چيوته هاڻي ته ايڊووڪيٽ جنرل جو ٺپو به اچي ويوآهي، اسان ته ٻي ڌر کي نوٽيس ڏيڻ بنا ئي ٿري ايم پي او آرڊر معطل ڪري ڇڏيو هو،هاڻي اهو ڪيس هلي رهيو آهي، ڊي سي اسلام آباد اڱاري لاءِ نوٽيس جاري ڪيوآهي،پرويز الاهي کي آزاد نه ڪن ها ته عدالت سخت ايڪشن کڻي ها.