چوٽياري ڍنڍ جي بحالي!

0
270
چوٽياري ڍنڍ جي بحالي!

 واپڊا وارن سال 2023ع ۾ چوٽياري ڍنڍ جو ڪم لڳ ڀڳ اڍائي ارب رپين سان پورو ڪيو ته جيئن چوٽياري ڍنڍ جي پاڻي جي سطح وڌائي 87.5 فوٽ ڪئي وڃي. انهيءَ ۾ 0.70 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري ربيع جي پڇاڙيءَ ۽ آڳاٽي خريف ۾ 2300 ڪيوسڪ واڌو پاڻ سانگھڙ ويجھو لکي ريگوليٽر کان فرش ريگيوليٽر تائين ۽ انهيءَ کان هيٺ عمرڪوٽ واري ايراضي کي ڏئي سگھجي. ياد رهي ته سکر بئراج جي منصوبي مطابق 3850 ڪيوسڪ پاڻي مکي ريگيوليٽر کان هيٺ ڏيڻو هو، پر نارا ڪئنال ۾ لٽ ڀرجڻ جي ڪري جمڙائو ڪئنال واري ايراضي کي گھرج موجب پاڻي ڏيڻ ڪري مکي تي اڌ کان گھٽ پاڻ پهچي ٿو، جو سارين بدران ڪڻڪ جي پوکي ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون شاخون سدائين وارا بنديءَ ۾ هلن ٿيون. واپڊا جي انهيءَ آسري تي ته چوٽياري ڍنڍ جي ذخيري ٺاهڻ ڪري عمرڪوٽ واري ايراضي کي گھربل پاڻي ملندو، انهيءَ علائقي مان ڏتڙيل ۽ پاڻيءَ  لاءِ سِڪندڙ آبادگار خوش ٿي ويا، پر چار سال گذرڻ کان پوءِ به چوٽياري ڍنڍ پنهنجي مڪمل سطح 87.5 فوٽن تائين ڀرجي نه سگھي ۽ اتي جا ماڻهو پاڻي ملڻ جي حوالي سان نراس ۽ نا اميد ٿي ويا آهن.سال 1985 ۽ ۾ واپڊا وارن ايل بي او ڊي يعني ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين جي منصوبي جو ساڍا اٺ ارب رپين واري لاڳت وارو پي سي ون منظور ڪرايو، جيڪو 8 سالن ۾ يعني 1993ع جي جون تائين مڪمل ڪرڻو هو پر اهو منصوبو 6 سالن ۾ ئي اڻ پورو بند ڪيو ويو. ان جا ڪجهه رهيل ڪم نيشنل ڊرينيج پروگرام ۾ کنيا ويا ۽ انهن جي لاڳت 8.5 ارب رپين مان وڌي 28 ارب رپيا ٿي وئي. انهيءَ ۾ اهم ڪم هئا نواب شاهه- سانگھڙ ۽ ميرپور خاص پاڻي سطح هيٺ ڪرڻ لاءِ ناليون ڪڍڻ، ٽيوب هڻڻ، هڪ مين ڊرين ڪڍڻ، ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين، ڍورو پراڻ ڊرين ۽ ٽائيڊل لنڪ ذريعي شاهه سمندو کوري ۽ شڪور ڍنڍ ۾، ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين، ٽائيڊل لنڪ ذريعي شاهه سمندو کوري ۽ شڪور ڍنڍ ۾ ڪڍڻ، نارا ڪئنال جي ري ماڊلنگ ۽ چوٽياري ڍنڍ جي ذخيري جي تعمير. ٽائيڊل لنڪ جي ٽٽڻ جي ڪري بدين ضلعي ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، تنهن کان هر ڪو واقف آهي ۽ انهيءَ خلاف دانهون اجايون ناهن. تنهن کان پوءِ عالمي بئنڪ جي جاچ ڪرڻ واري پينل انهيءَ منصوبي ۾ ڪيتريون ئي خاميون مڃيون آهن. اچو ته اڄ چوٽياري جي ذخيري جو ڪجھه جائزو وٺون ته اڍائي ارب رپين جي خرچ سان ٺاهيل اهو ذخيرو ڇو نه ڀرجي سگھيو ۽ ڇو عمرڪوٽ وارا ماڻهو انهيءَ مان فائدو نه ڪري سگهيا يا پاڻي ملڻ جو آسرو ڇو لاهي ويٺا آهن.

سکر بئراج ٺهڻ دوران چوٽياري واريءَ جي دڙن جي وچ ۾ قدرتي ٺهيل ڪيترين ئي ڍنڍن کي ڀرڻ لاءِ ڪئنال تي دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ جيڪي ٽي چنڊڻون ٺاهيون ويون، اهي هيون رائڻو واڍڪي ۽ اهو رائڻو منڍ جمڙائو تي واڍڪي، آجو منڍ جمڙائو کان هيٺ هيون. رائڻو ڇنڊڻ جي پاڻي جي گنجائش 3000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته واڍڪي ۽ آجو ڇنڊڻ جي گنجائش 300 ڪيوسڪ هئي. جڏهن ته واڍڪي آجو ڇنڊڻين جي گنجائش 500 ڪيوسڪ هئي. آهستي آهستي انهن جي پاڻي ڪڍڻ جي گنجائش 600 ڪيوسڪ ۽ رائڻو ڇنڊڻ جي گنجائش ۽ واڍڪي ۽ آجو ڇنڊڻ جي 600 کان 290 ڪيوسڪ گنجائش وڃي بچي. انهيءَ ڪري چوٽياري ڍنڍ ۾ سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين 5 فوٽ پاڻي ڀرجي سگھبو هو، جو جنوري جي وارا بندي کانپوءِ بند کان هٿرادو ڪٽ ڏئي اهو پاڻي هيٺين علائقن کي ڏنو ويندو هو، ڇو ته عمرڪوٽ وارين هيٺين ايراضين ۾ پاڻي جي تمام گھڻو کوٽ رهندي هئي. ايل بي او ڊي جي منصوبي ۾ چوٽياري ڍنڍ جي گنجائش وڌائڻ لاءِ سوچيو ويو. انهيءَ لاءِ ان ڳالهه تي ويچاريو ويو ته ڍنڍ جي سطح ڪيتري وڌائي سگھجي ٿي. انهيءَ لاءِ گھڻو پاڻي ۽ اهو پاڻي ڪيئن سکر بئراج وٽان آڻي ڍنڍ ۾ وجھجي ۽ ڍنڍ جي ممڪن سطح 87.5 تجويز ڪئي وئي. انهيءَ لاءِ 23 ميل ڊگھا بند، 30 فوٽ عمق وارا ٺاهڻا هئا ۽ ڍنڍ جي ڊيگهه 30 ميل، ويڪر 8 ميل ٿيڻي هئي. ڍنڍ جي پاڻي ڀرڻ لاءِ رانٽو ڇنڊڻ جو نئون منهن هيڊ ريگيوليٽر 6500 ٺاهڻ ۽ هڪ لنڪ ڪئنال ذريعي انهيءَ بند تائين پهچائڻو هو. ڍنڍ جو نئون بند ٺاهڻ ڪري واڍڪي آجو ڇنڊڻون بند ڪيون ويون ۽ ڍنڍ کي 16.5 ڏينهن ۾ ڀرڻ جو پروگرام رٿيو ويو، جنهن مطابق اپريل جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 386 ڪيوسڪ، ٻين 15 ڏينهن ۾ 858 ڪيوسڪ، جولاءِ جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 3863 ڪيوسڪ، ٻين 15 ڏينهن ۾ 6813، آگسٽ جي سڄي مهيني ۾ 6835 ڪيوسڪ، سيپٽمبر جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 6311 ڪيوسڪ، نومبر جي مهيني ۾ 410 ڪيوسڪ، ڊسمبر جي سڄي مهيني ۾ 285 ڪيوسڪ پاڻي ڀرڻو هو. نارا ڪئنال جي گنجائش 13000 ڪيوسڪ هئي ۽ ڪڏهن به انهيءَ ڊيزائن جيترو پاڻي نه کنيو هو ۽ نارا ڪئنال هڪ قدرتي درياهه آهي، جيڪو انگڙ ونگڙ نموني ۾ وهندو آهي.رائڻو ڇنڊڻ کي 6500 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ لاءِ نارا ڪئنال جي منڍ تي گنجائش 20 هزار ڪيوسڪ ڪرڻي هئي، انهيءَ ۾ ڪجھه ڪم ڪيا ويا، نارا ڪئنال تمام لهواري سلوپ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 4 فال ريگيوليٽر تجويز ڪيا ويا هئا، جيڪي آر ڊي 14.5، 140، 400 ۽ 540 تي ٺاهڻا هئا پر ورلڊ بئنڪ جي پينل جي ايڪسپرٽ طرفان رڳو ٻه ريگيوليٽر ٺاهڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو، جيڪي آر ڊي 26 ۽ 139 تي ٺاهيا ويا. ٻيو ڪم نارا ڪئنال جي بندن تي مٽي وجھڻ جو هو، ته جيئن اُهي وڌيل پاڻي 20 هزار ڪيوسڪ کڻي سگھن. وري نارا ڪئنال لاءِ وڌيڪ پاڻي هجڻ لاءِ چيو ويو ته جولاءِ ۽ آگسٽ، سيپٽمبر جي شروع ۾ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سمنڊ ۾ ڪافي پاڻي وهي ٿو، جنهن مان ڪجھه نارا ڪئنال لاءِ ڪڍي سگھجي ٿو. نارا ڪئنال جي ري ماڊلنگ واري ڪم تي اٽڪل سوا ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. منهنجي خيال ۾ واپڊا کي نئون ڪم نه ڏيڻ کپي، اسان کي ڄاڻ آهي ته واپڊا وارن ڪراچي کي پيئڻ واري پاڻي ڏيڻ واري منصوبي، جنهن جو نالو ڪي- فور آهي، تي ڪم اڃا مڪمل نه ڪيو آهي. چوٽياري ڍنڍ ۽ ڪراچي کي پيئڻ واري پاڻي ڏيڻ واري منصوبن جي بنياد تي واپڊا وارن کي نئون ڪم نه ڏيڻ گھرجي.