چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريين ۾ فرينڊس آف مکي جي ميزباني هيٺ، سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي، ڪلچر ڊپارٽمينٽ، ۽ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان ٻه ڏينهن وارو مکي فيسٽيول چوٽياريون ڊيم تي شروع ٿي ويو. ميلو روايتي رانديون، ثقافتي رنگ، موسيقي، ۽ علائقائي روايتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاندار انداز ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي، جتي هزارين ماڻهن جي شرڪت متوقع آهي. ميلي جو افتتاح سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي وزير سرفراز راڄڙ ڪيو، ميلي ۾ اٺن جي ڊوڙ ۽ اٺن جي ناچ جا مقابلا خاص دلچسپي جو مرڪز بڻيا، جتي مختلف علائقن مان آيل اٺ مالڪن پنهنجن اٺن جي تياري جو عملي مظاهرو ڪيو. چوٽياريون ڊيم تي ٻيڙين جي ريس جو به شاندار انعقاد ڪيو ويو، جتي نوجوان ۽ تجرباڪار ٻيڙيون هلائيندڙ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. ميلي ۾ سگهڙن جي ڪچهري به منعقد ڪئي وئي، ثقافتي اسٽالن ۾ هٿ جي هنر سان ٺهيل شيون، سنڌي مٺايون، ۽ ٻارڙن لاءِ جھولا پڻ لڳايا ويا. محفل موسيقيءَ ۾ علائقائي فنڪارن سان گڏ، مشهور لوڪ فنڪارا خوشبو لغاري پنهنجي سريلي آواز سان شرڪت ڪندڙن کي وندرائڻ جو شاندار مظاهرو ڪيو، مختلف اسڪولن جي ٻارڙن ٽيبلوز ۽ کاڪا پيش ڪيا.