نوابشاهه/سنجهورو(بيورو رپورٽ+ن پ ا) سانگهڙ پوليس چوٽياريون سانحي جي گرفتار 9 جوابدارن محمد علي جتوئي، اميد علي جتوئي، صادق علي جتوئي، ڳوٺ پنهيل واسي اوڀايو راڄڙ، گاجي، شريف، حمزو راڄڙ، ڳوٺ ڊڀري واسي صدام، سومر راڄڙ کي نوابشاھ جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالغفور ڪلھوڙو جي عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن جو 27 فيبروريءَ تائين پوليس رمانڊ ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف جوابدار سيف الله جوڻيجو ۽ چوٽياريون ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايچ او غلام محمد سهتو نوابشاھه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضمانت لاءِ وڪيلن معرفت پيش ٿيا. فريادي فداحسين جوڻيجي پڪي ضمانت تي اعتراض واريندي وڪيل ڪرڻ لاء مهلت طلب ڪئي عدالت ٻنهي جوابدارن جي 24 فيبروري تائين 5 لک جي شوئرٽي تي ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي. چوٽياريون پوليس نوابشاھ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چوٽياريون سانحي جي گرفتار جوابدارن تي آرمس ايڪٽ تحت درج وڌيڪ 4 ايف آئي آرون پيش ڪيون جنهن ۾ ايف آءِ آر نمبر 8/2025 محمد علي جتوئي، ايف آءِ آر نمبر 9/2025 اميد علي جتوئي، ايف آءِ آر نمبر 10/2025 اوڀايو راڄڙ، ايف آءِ آر نمبر 11/2025 صدام راڄڙ شامل آهي۔