چوٽياريون(ن پ ا) چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻن همت ڪري ٻن ڦورن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، چوٽياريون ٿاڻي جي حد بشير باجوا اسٽاپ لڳ فرمان علي لغاري کان ٻن ڦورن موٽر سائيڪل ڦري سانگھڙ طرف فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن سندن پيڇو ڪندي ڳوٺ سھڻو عمراڻي لڳ گھيرو ڪري کين سوگھو ڪري ورتو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي چوٽياريو ۽ سانگھڙ پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ڦورن کي حراست ۾ وٺي سانگھڙ منتقل ڪري ڇڏيو. سوگهو ڪيل ڦورن جي سڃاڻپ جانب جمالي ۽ ڳوٺ مياڻ واسي خالق ملاح عرف خالقو طور ٿي آھي.