چوٽياريون(ن پ ا) چوٽياريون ويجهو باهه لڳڻ سبب 12 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب نئون ڪوٽ اسٽاپ لڳ ڳوٺ محراب لغاري ۾ لغاري برادري جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ آدم، انور، لقمان، موسيٰ، راحب، يوسف، قيو، نصر الله، سڪندر، سليمان لغاري ۽ عبدالمطلب لغاري سميت 12 ڄڻن جا گهر سڙي ويا، متاثرن ٻڌايو ته باهه گهر ۾ بيٺل 2 مينهون، هڪ ڍڳي، 5 ٻڪريون ۽ ڪڪڙيون سڙي مري ويون آهن، متاثرن موجب باهه ۾ گهرن اندر پيل نياڻين جو ڏاج، کٽون، بسترا، ڪپڙا، ٿانو ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو آهي، اطلاع تي فائر برگيڊ پهتي پر باهه تي ضابطو اچي نه سگهيو، بعد ۾ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه تي ضابطو آندو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.