چوٽياريون(ن پ ا) چوٽيارين ڀرسان ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ اوچتو باھه لڳڻ سبب ڇھن پورھيتن جا گھر مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويا، جنھن سبب متاثر خاندان بي يارو مددگار ٿي ويا. باهه سبب ليمون ملاح، شاد سولنگي، رمضان سولنگي، ۽ اڪبر چانڊيو سميت ڇھن پورھيتن جا گھر سڙي ويا جنهن ۾ سمورو سامان، روزگار جا اوزار، اناج، ۽ ٻين گھريلو ضرورتن جو سامان سڙي رک ٿي ويو. باھه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگھيو، جڏهن ته مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته هن وقت کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ سرڪاري ادارن کان فوري مدد جي اپيل ڪن ٿا.