سانگهڙ/چوٽياريون (نمائندن وٽان) چوٽياريون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي، سانگهڙ ۾ وارثن جو احتجاجي مظاهرو، خبر موجب چوٽياريون سانحي ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوابشاهه ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران مک جوابدار عطاءُ الله جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو، سيف الله جوڻيجو، جانو لانڊر، بابو ڪيريو، جمن انڙ ۽ عزيز اللھ ڪيريو سميت 22 گرفتار جوابدارن کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪندي فريادي ڌر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ٻاهران ڳالهائيندي فريادي فدا حسين جوڻيجو الزام هنيو ته پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو کين مسلسل ظلم جو نشانو بڻائي رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته علاءُ الدين جوڻيجو پهرين ڏينهن کان اسان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به هٿياربند ساڻ ڪري اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪيو، هٿياربند اڃا تائين ڳوٺ ۾ موجود آهن، پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هوڏانهن سانگهڙ ۾ مارجي ويل 3 ڳوٺاڻن جي وارثن ۽ ڳوٺ واسين شهيد پيرو وزير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، عرفان جوڻيجو، شعيب جوڻيجو، وحيد جوڻيجو، فتح علي جوڻيجو، نثار جوڻيجو، شاد جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته اسان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سانگهڙ جي عدالت ۾ عورتن سميت 90 ماڻهن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، پ پ ايم اين اي اسان جي ماڻهن کي ٻيهر مارائڻ چاهي ٿو، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.