چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريون سانحي جي متاثر ڳوٺاڻن جو پوليو مهم جو بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو، چوٽياريون سانحي جي پسمنظر ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڳوٺ جاني جوڻيجو واسي متاثرن پوليو مهم جو بائيڪاٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ سارهه جاويد ڳوٺ اچي متاثرن سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي جنهن بعد بائيڪاٽ ختم ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ٽن نوجوانن جي قتل کان پوءِ اسان کي نه صرف انصاف کان محروم ڪيو ويو، پر اسان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا، ان درد ۽ ناانصافي سبب اسان احتجاج طور پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو هو متاثرن چيو ته مخدوم جميل الزمان جي خاطري ۽ ڊي سي جي ڳوٺ اچڻ تي مثبت موٽ ڏئي پوليو مهم جو بائيڪاٽ ختم ڪيو آهي. واضح رهي ته پوليو مھم جي بائيڪاٽ سبب 1100 کان مٿي ٻار ٻوليو جي قطرن کان محروم ھئا.