چوٽياريون(ن پ ا) چوٽياريون سانحي جي متاثرن خلاف وڌيڪ هڪ ڪيس داخل، 10 عورتن سميت 63 ڄڻا جوابدار نامزد، خبر موجب پ پ ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو جي ڪمدار ديدار جوڻيجو جي فرياد تي ڳوٺ جاني جوڻيجو جي 53 ڄڻن خلاف نئون ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ 33 ڄاڻايل، 10 عورتن ۽ 20 اڻڄاتل ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ فدا حسين جوڻيجو، علي گوهر جوڻيجو، پير بخش جوڻيجو، عرفان جوڻيجو، سعيد عرف پوڙهو، منٺار، لقمان جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، ايف آءِ آر ۾ سنگين ڌمڪيون ڏيڻ، تذليل ڪرڻ، غيرقانوني ميڙ ڪرڻ، هٿياربند ٿي ميڙ ڪرڻ جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف ڳوٺاڻن ڪيس داخل ڪرڻ کي انتقامي ۽ سياسي دٻاءُ جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ته جيئن اصل مسئلي تان ڌيان هٽائي سگهجي پر اسان پنهنجي موقف تي قائم آھيون، جيسين شھيدن جي اصل قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ نه آندو ويندو تيسين اسين پٺتي نه ھٽنداسين، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته بيگناهه ماڻهن تي داخل ٿيل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ياد رهي ته چوٽياريون ٿاڻي تي ساڳين ڳوٺاڻن خلاف اڳ ئي هڪ ايف آءِ آر سرنهن جي فصل جي چوري جي الزام هيٺ داخل ٿيل آهي، ان ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو هو ته ڳوٺاڻا ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو جي زمين مان سرنهن جو تيار ٿيل فصل زبردستي ڪٽي کڻي ويا هئا.