چوٽياريون سانحي جي متاثرن جو ٻئي ڏينهن به پوليو مهم جو بائيڪاٽ، ٽيم واپس

0
35
چوٽياريون سانحي جي متاثرن جو ٻئي ڏينهن به پوليو مهم جو بائيڪاٽ، ٽيم واپس
چوٽياريون سانحي جي متاثرن جو ٻئي ڏينهن به پوليو مهم جو بائيڪاٽ، ٽيم واپس

چوٽياريون(ن پ ا) چوٽياريون سانحي جي متاثر ڳوٺ جاني جوڻيجو واسين پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ ٻئي ڏينهن به جاري رکيو ويو، ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي، پوليو ٽيم کي ٻيهر ڳوٺ مان واپس موٽائي ڇڏيو، ٻئي ڏينهن ڊبليو ايچ او جي ضلعي انچارج ڊاڪٽر سيد بلال، ڊپٽي ڊي ايچ او سانگهڙ، رضا محمد، مبارڪ راڄڙ ۽ غلام عباس راڄڙ ڳوٺ جاني جوڻيجو پهتا، پر ڳوٺاڻن سندن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان انڪار ڪندي کين واپس اماڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان سان سراسر ناانصافي ٿي آهي، اسان جا نوجوان بيگناهه قتل ڪيا ويا، چار ڏينهن لاش روڊ تي رکيا، احتجاج ڪيو، انصاف جي ابتڙ اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا پر تڏهن ڪا به انتظاميا اسان وٽ نه آئي، پوليو مهم لاءِ اسان ياد اچي ويا آهيون؟ هاڻ اسان ڪنهن به حڪومتي مهم جو حصو نه بڻجنداسين، جيستائين اسان کي انصاف نٿو ملي، پوليو ٽيم موجب ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ 800 کان وڌيڪ ٻار رجسٽرڊ ٿيل آهن، جيڪي بائيڪاٽ سبب پوليو جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندا.