ٽنڊوآدم(ن پ ا) چوٽياريون سانحو، مک جوابدار جي 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور، رپورٽ موجب چوٽياريون سانحي جي مک جوابدار عطاءُ الله جوڻيجو پنهنجي وڪيل شهزاد شاهه معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي آھي، جنهن تي عدالت پاران هڪ لک روپين جي عيوض سندس 10 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي، ياد رهي ته چوٽياريون سانحي واري ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن مان 6 جوابدارن سيف الله جوڻيجو، اڳوڻو ايس ايڇچ او غلام شبير سهتو، محبوب هڪڙو، عزيز الله ڪيريو، جانو لانڊر ۽ جبار خاصخيلي جون اڳ ئي حفاظتي ضمانتون منظور ٿيل آهن.