چوٽياريون(ن پ ا) چوٽياريون سانحي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهي آهي. پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ جاني جوڻيجو کي گهيري ورتو آهي، جتي ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو جي زرعي زمين مان فصل پوليس جي نگراني هيٺ ڪٽرائي، کڻايو ويو. ڳوٺ جي مک داخلي رستن تي 10کان 15 پوليس موبائيلون مقرر ڪيون ويون، جنهن سبب ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ بيچيني ڇانيل رھي. پوليس جي هن ڪارروائي تي ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو. خاص طور تي شهيد علي بخش جوڻيجو جي والده قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي دانهون ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هن جو موقف هو ته، “پهريان اسان جا نوجوان شهيد ڪيا ويا، هاڻ وري اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي. اسان سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟” ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انهن کي بيجا تنگ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس جو موقف آهي ته قانوني طريقيڪار موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، ۽ شهيدن جا وارث اڃا تائين انصاف جا طلبگار آهن. ٻئي پاسي، پوليس پنهنجي موقف تي قائم رهي ڪارروائي جاري رکي.
متاثرن نوجوانن جي گرفتاريءَ خلاف سخت احتجاج ڪيو هو
چوٽياريون: چوٽياريون واقعي جي متاثرن نوجوانن جي گرفتاريءَ خلاف سخت احتجاج ڪيو هو. شهيد ٿيندڙ نوجوانن جي وارثن، ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران سانگهڙ ۽ چوٽياريون پوليس خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ متاثر خاندانن مطالبو ڪيو ته بيگناهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
چوٽياريون ٿاڻي تي 29 ڄڻن تي ايم اين اي جو فصل کڻڻ جي ايف آءِ آر داخل
چوٽياريون: ٿاڻي تي اڳم ئي چوٽياريون سانحي جي فريادي سميت 29 ڄڻن تي ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو جي زمين مان سرنھن جو فصل چوري لڻي کڻڻ جي ايف آءِ آر داخل آھي.
سرنھن فصل جي چوري جي ڪيس ۾ گرفتار 4 ڳوٺاڻا ضمانت تي آزاد
چوٽياريون: چوٽياريون سانحي کان پوءِ ڇڪتاڻ ۾ نئون موڙ اچي ويو، جتي سرنھن جي فصل جي چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڳوٺ جاني جوڻيجو جا 4 نوجوان ضمانت تي آزاد ٿي گهر پهچي ويا. عدالت هڪ لک ويهه هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ 3 اپريل جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، آزادي ماڻيندڙ ۾ ٻن ڀائرن صلاح الدين جوڻيجو ۽ اسد الله جوڻيجو سان گڏ ظھور احمد ۽ امتياز جوڻيجو شامل آهن، جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ سانگھڙ ۽ چوٽياريون پوليس مبينا طور کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو. وارثن جو چوڻ هو ته پوليس بيجا طور گرفتار ڪري لاڳاپيل ڌرين جي ونگاري بڻيل آهي، جڏهن ته انهن جي آزادي کان پوءِ ڳوٺ ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي.