ٽنڊوآدم(ن پ ا) چوٽياريون واقعي واري ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدارن مان وڌيڪ 4 جوابدارن محبوب هڪڙو، عزيزالله ڪيريو، جانو لانڊر۽ جبار خاصخيلي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران 50/50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض 7 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي آھي، جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار سيف الله جوڻيجو ۽ اڳوڻو ايس ايچ او غلام شبير سهتو اڳ ۾ ئي ضمانت تي آهن، جڏهن ته واقعي ۾ گرفتار ڪيل 9 جوابدارن جو رمانڊ 20 فيبروري تي پورو ٿيندو جنهن بعد گرفتار ڪيل 9 ئي جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوابشاھه ۾ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته پوليس مک قاتلن کي اڃان تائين گرفتار ڪري ناهي سگهي جنهن سبب مقتولن جا وارث مايوس آھن ۽ کين پنهنجي 3 پيارن جي خونن سان انصاف نه ٿيڻ جا وهم وڪوڙي ويا آھن.+