چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريون سانحو، فريادي ڌر خلاف 22 اي جي درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي، خبر موجب چوٽياريون سانحي بابت فريادي ڌر خلاف داخل ڪيل 22 اي جي درخواست تي سانگهڙ جي عدالت فيصلو ڏنو، عدالت محمد علي جتوئي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، عدالت فريادي جوڻيجا ڌر جي وڪيلن جي دليلن سان متفق ٿيندي درخواست کي ناقابلِ ٻڌڻي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو، محمد علي جتوئي طرفان 6 عورتن سميت 32 ڄاتل ۽ 60 اڻڄاتل ماڻهن خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي، فريادي ڌر جي وڪيلن عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته هي درخواست مڪمل طور بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، جنهن جو مقصد صرف فريادي ڌر تي دٻاءُ وجهڻ آهي، عدالت وڪيلن جي دليلن بعد درخواست ناقابلِ ٻڌڻي قرار ڏئي خارج ڪئي.