چوٽياريون(ن پ ا)سانگھڙ ضلعي جي علائقي چوٽياريون ۾ قتل واري سانحي کانپوءِ پيدا ٿيل تڪرار جو اثر پوليو مهم تي به پئجي رھيو آهي، جتي ڳوٺ جاني جوڻيجو جي رهواسين چوٿين ڏينهن به پوليو ٽيم کي ڳوٺ مان واپس موٽائي ڇڏيو، پوليو مهم جي نگراني لاءِ ڊاڪٽر دولت جمالي ، ڊاڪٽر آفتاب سريوال ، ڊاڪٽر سعيد بلال ڊاڪٽر بلال اڪبر، ڊاڪٽر بهار وساڻ، ڊاڪٽر واشو مل يوسي ايم او ۽ ٻين عملدارن تي مشتمل ٽيم ڳوٺ پهتي، ڊي ايڇ او ڳوٺاڻن کي اپيل ڪئي ته ٻارن جو مستقبل بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر دولت جمالي چيو “مون پنهنجين نياڻين جيان ليڊي ورڪر ميڙ وٺي آيو آهيان، مهرباني ڪري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريو، جيئن ايندڙ نسل معذوري کان بچي سگهي. پر ڳوٺاڻن انتظاميا سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ۽ آيل ليڊي ورڪرن کي گنديون اوڍايون ويون سندن چوڻ هو ته: “اسان جون نياڻيون ٻن مهينن کان روڊن تي رلن پيون، ڪنهن به نه پڇيو، هاڻ پوليو جو جڏهن بائيڪاٽ ڪيوآهي، انتظاميا اچي رهي آهي،ڳوٺاڻن جو وڌيڪ موقف آهي ته”ڊي سي سانگھڙ اسان جون ڳالھيون ٻڌي اچي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ پوليو جي ڦڙن کان محروم رهيل ٻار خطري هيٺ اچي سگهن ٿا، تنهنڪري ڳالهيون جاري رکيون پيون وڃن ته جيئن مسئلي جو حل نڪري سگهي.
چوٽياريون سانحي جي فريادين جو احتجاج،ايم اين اي پاران زمين تي قبضي جو الزام
چوٽياريون(ن پ ا)چوٽياريون ۾ انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ سانحي نئون رخ اختيار ڪري ويو، جتي پير پاڳاري جي اڳوڻي چيف خليفي مرحوم علي بخش جوڻيجو جي ڌي زيب النساءَ جوڻيجو ۽ ننھن زينت جوڻيجو، سانحي واري متنازع زمين تي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو خلاف سنجيده الزام لڳايا، پريس ڪانفرنس دوران زيب النساءَ جوڻيجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، “هي زمين اسان جي اباڻي ملڪيت آهي، جيڪا انگريزن جي دور کان وٺي اسان جي قبضي ۽ نالي تي آهي. پر پيپلز پارٽي جي ايم اين اي علاوالدين جوڻيجو هٿيارن جي زور تي هن زمين تي قبضو ڪري، هاڻ پوليس جي نگرانيءَ ۾ آبادڪاري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪا سراسر ظلمن تي ٻڌل آهي.” هن الزام لڳايو ته، “ايم اين اي جي سرپرستي هيٺ اڳ به مسڪين ڳوٺاڻا مارايا ويا، هاڻ وري نئين رٿا تحت قتل و غارت ڪرائڻ جي رٿابندي پئي ٿئي. اسان جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ عدالت اسان کي زمين جو قبضو ڏياريو آهي، تنهن هوندي به هن وقت تائين غيرقانوني طور تي زمين تي قبضي ۽ آبادڪاريءَ جي ڪوشش جاري آهي.” زينت جوڻيجو به صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته، “اسان وٽ ملڪيت جا سڀ قانوني دستاويز، رجسٽري، ۽ عدالتي فيصلا موجود آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته هي زمين جو مالڪاڻو حق اسان کي حاصل آهي. پر حڪومتي اثرو رسوخ سبب پوليس سميت مقامي انتظاميا اسان جي واهر ڪرڻ بدران، ظلم ڪرڻ وارن جو ساٿ ڏئي رهي آهي.” انهن عورتن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، “جيڪڏهن انصاف نه ڏنو ويو ته اسان احتجاجي مهم کي وڌائينداسين. سانحي جي آزاد جاچ، غيرقانوني قبضي جي خاتمي، ۽ ايم اين اي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.”ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ چوٽياريون جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ زميني تڪرار سبب خوني ڏند چڪ ٿي، جنهن ۾ ٽي نوجوان مارجي ويا هئا جڏھن ته ويھن کان وڌيڪ زخمي ٿيا ھئا. ان سانحي تي هينئر تائين ڪابه موثر حڪومتي جاچ يا فوري انصاف جي اميد نظر نٿي اچي، جنهن سبب وارثن ۽ مقامي ماڻهن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي.