چوٽياريون(ن پ ا) چوٽياريون ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻا فوت، 3 بيهوشي حالت ۾ اسپتال داخل، خبر موجب ٽنڊو مٺا خان جي ڳوٺ حاجي پيربخش راڄڙ ۾ زھريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا، فوت ٿيلن مان ۾ 45 ورهين جي سونو ولد پيرو ڪيريو ۽ نوجوان عمر ولد رحيم راڄڙ شامل آهن، ڳوٺاڻن موجب متاثر ٿيلن کي ترت اسپتال منتقل ڪرڻ بدران ڳوٺاڻن عطائي ڊاڪٽر گهرائي، گهر ۾ ئي علاج شروع ڪرايو، جنهن سبب وقت تي طبي امداد نه ملي سگهي، ٻنهي جي حالت زھريلو کاڌو کائڻ کان پوءِ بگڙجڻ لڳي، جن کي بروقت اسپتال منتقل ڪرڻ بجاءِ عطائي ڊاڪٽر جي صلاح تي ڳوٺ ۾ ئي سندن علاج جاري رکيو ويو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سڀئي متاثر هڪ ئي گهر ۾ گڏجي کاڌو کاڌو هو، جنهن بعد وقفي وقفي سان سندن طبيعت بگڙندي رهي، جڏهن حالت وڌيڪ خراب ٿي ته رات دير سان کين پهرين بي ايچ يو ٽنڊو مٺا خان آندو ويو، جتان حالت نازڪ هئڻ سبب کين ضلعي اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن ڄڻن دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته مينھڻ، گھر ڌڻي رحيم راڄڙ ۽ ٻيا نوابشاهه اسپتال داخل آهن، جتي سندن علاج جاري آهي، واقعي بعد چوٽياريون پوليس پهچي تفصيل ورتا ۽ ابتدائي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.