چوٽياريون(رپورٽ: اعجاز راڄڙ) چوٽياريون ڀرسان ڳوٺ حاجي پيربخش راڄڙ (جاٽي) ۾ زھريلي کاڌي واپرائڻ سبب اسپتال ۾ داخل ٿيل وڌيڪ ٻه ڄڻا معصوم ٻار ۽ عورت فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي، فوت ٿيلن جي جنازي نماز سندن اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جتي سوين ڳوٺاڻن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي. هي واقعو 15 جون تي پيش آيو، جڏهن ساڳئي خاندان جا چار ڀاتين ۽ ھڪ مالي جي ڌنار رات جي وقت گڏجي کاڌو کاڌو هو. ڪجهه ئي دير ۾ سندن طبيعت بگڙڻ لڳي، جن مان شروعاتي طور تي ٻن ڄڻن 45 ورهين جي سونو ولد پيرو ڪيريو (ڳوٺ ٽنڊو مٺاخان) ۽ 16 ورهين جي نوجوان عمر ولد رحيم راڄڙ فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته ٽي ڄڻا 7 سالا معصوم اظھر ولد اصغر راڄڙ، عورت مينھڻ زال نبي بخش رحيم راڄڙ بيهوشي جي حالت ۾ ترت ٽنڊو مٺاخان، سانگهڙ ۽ پوءِ حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيا ويا. جنھن مان حيدرآباد جي اسپتال ۾، 7 ورهين جو نينگر اظھر ۽ عورت مينھڻ به دم ڏئي ويا، جنهن سان فوت ٿيلن جو انگ 4 ٿي ويو آهي. باقي هڪ مريض رحيم راڄڙ جو علاج حيدرآباد ۾ جاري آهي، جنهن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن فوتين جنازي ۾ شرڪت ڪندڙن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. فوتي نينگر جي ناني حسن راڄڙ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته، “ھنن سڀني گڏجي ماني کاڌي هئي، جنهن ۾ چانور، آلن جي جي ڀاڄي ۽ پاڻي شامل هو، رات جو مريضن کي الٽيون اچڻ شروع ٿيون ته ٽنڊو مٺاخان مان عطائي ڊاڪٽر گھرائيوسين، جنهن چيو ته رڳو گيسٽرو آهي، صحيح ٿي ويندو ۽ ان گھر ۾ ئي اعلاج ڪيو، پر تقريبن ٽيھه ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن حالت وڌيڪ خراب ٿي ته اسپتال کڻي وياسين، جتي زھريلي شئي جي اطلاع ملي.” هن چيو ته خاندان جي مختلف ماڻهن سان پراڻيون دشمنيون به موجود آهن، ان ڪري خدشو آهي ته واقعي ۾ ڪا سازش شامل هجي، پر حتمي نتيجا پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي سامهون ايندا ھنن انتظاميان کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شاف شفاف جانچ ڪئي وڃي علائقائي پوليس موجب، واقعي بابت ابتدائي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، کاڌي جا نمونا حاصل ڪري ليبارٽري موڪليا ويا آهن، جڏهن ته وارثن جا بيان به قلمبند ڪيا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي سمورن پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ رپورٽون اچڻ بعد اڳتي جي ڪارروائي ڪئي ويندي.