چوهڙ جمالي(رپورٽ: حميدالله ميمڻ( تعلقي شاهبندر جي يونين ڪائونسل جان محمد جت جو 200 گهرن تي مشتمل ڳوٺ حاجي صالح محمد سولنگي جديد دور ۾ به تعليم جهڙي سهولت کان محروم آهي، ڳوٺ ۾ اسڪول جي سهولت نه هجڻ سبب ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا مال چارڻ ۽ زمين جو ڪم ڪار ڪرڻ تي مجبور آهن، ڳوٺ ۾ اسڪول نه هجڻ تي ڳوٺاڻن صالح محمد سولنگي، جمن سولنگي، صديق سولنگي، حسن سولنگي، امير سولنگي، اعجاز سولنگي، ميرمحمد سولنگي، نظير سولنگي، تاج محمد سولنگي، صديق سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا اسڪول نه هجڻ سبب مال چارڻ ۽ زمين جو ڪم ڪار ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول جي عمارت ڏئي اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.