اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سياسي جماعتن کي چونڊ نشان ۽ مخصوص سيٽن کان محروم ڪرڻ جي اختيار خلاف ڪيسن ۾ اليڪشن ايڪٽ متعلق سيڪشنز ۽ رولز جي خلاف درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ڪميشن سميت صوبائي حڪومتن، تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪونسل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي اٽارني جنرل ۽ چئن صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي معاونت جي هدايت ڪئي آهي. ايڊووڪيٽ آمنا امير جي درخواست تي پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ آئين جي تشريح جو ڪو اختيار ناهي. اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 104 ۽ اليڪشن رولز 94 آئين جي ٽڪراءَ ۾ قرار ڏنو وڃي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 31 مئي تي ٿيندي.