اسلام آباد/ ڪراچي (نمائندن وٽان + م ڊ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف،  پي ٽي آءِ جي باني عمران خان، استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جھانگير ترين ۽ ٻين پنهنجا پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري اين اين 207 نوابشاهه مان چونڊ وڙهندو، سندس نامزدگي ڪاغذ سندس ڀيڻ عذره پيچوهو جمع ڪرايا، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جا فارم اين اي 128 لاهور مان جمع ڪرايا ويا. يوسف رضا گيلاني اين اي 148 تان چونڊ وڙهندو، مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف مانسهرا مان اين اي 15 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. بيرسٽر جھانگير جدون سندس ڪاغز جمع ڪرايا. جڏهن ته شهباز شريف قصور مان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عابد شير علي اين اي 102 فيصل آباد تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. عمران خان ميانوالي جي تڪ تان  چونڊ وڙهندو.  جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ميانوالي مان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 89 تان جمع ڪرايا ويا. هڪ ڏينهن اڳ عمران خان پنهنجي ڪاغزن تي صحِيح ڪئي هئي.  پي ٽي آءِ جي ڪارڪن صنم جاويد جي والدين به سندس نامدگي ڪاغذه جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. زرتاج گل خاص سيٽ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا پي ٽي آءِ جي وڪيل ۽ اڳواڻ نعيم حيدر پنچوتا اين اي 82 سرگوڌا مان فارم ڀرايو آهي.  استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جھانگير ترين اين اي 155 لوڌران مان فارم ڀرايو آهي، جڏهن ته آءِ پي پي جي صدر عبدالعليم خان 147 تان فارم ڀرايو آهي، ان کان سواءِ عليم خان پي پي 149 ۽ اين اي 119 تان به چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم ڀرايو. ان کان سواءِ پيپلزپارٽي جي خورشيد ساهه اين اي 201 سکر تان فارم جمع ڪرايو، ان کان سواءِ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ٽن تڪن پي ايس 11، 15 ۽ اين اي197 تان فارم جمع ڪرايا. پ پ جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي اين اي 44 ڊي آءِ خان مان ڪاغذ جمع ڪرايا، جڏهن ته پ پ جي سسئي پليجو اين اي 225 ۽ پي ايس 76  ٺٽي تان، اين اي 151 ملتان تان علي موسيٰ گيلاني، پي ايس 37 تان عذرره پيچوهو، راجا پرويز اشرف گوجر خان مان اين اي 52 تان ڪاغذ جمع ڪرايا. ان کان سواءِ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه پي ايس 77 سيوهڻ تان فارم جمع ڪرايو آهي. نواب يوسف ٽالپر اين اي 213 عمر ڪوٽ، نعما اسلام الدين شيخ اين اي 200 سکر، ڄام مهتاب ڏهر پي ايس 18 ، اين اي 190 لاءِ پ پ جي اعجاز جکراڻي ڪاغذ جمع ڪرايوآهي. ٻئي پاسي سراج دراني پي ايس 9 لاءِ فارم جمع ڪرايو، عاجز ڌامراهه پي ايس 64 حيدرآباد تان فارم جمع ڪرايو آهي.  ٻئي پاسي جي يو آءِ جي سينيٽر عبدالغفور حيدري به چونڊ ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، هن مستونگ مان چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم جمع ڪرايو آهي.  هوڏانهن پ پ اڳواڻ منظور وساڻ ۽ سندس پٽ هالار وساڻ ريلي جي صورت ۾ آر او آفيس ڪوٽڏيجي پهچي پي ايس 27 تي پنهنجا نامزگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، گمبٽ، ڪنگري ۽ سوڀيديرو جي پي ايس 30، 31 ۽ اين اي 204 لاءِ اميدوارن فارم آر اوز وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا، لاڙڪاڻو سان تعلق رکندڙ معظم عباسي اين اي 204 تي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو، جي ڊي اي اميدوارن پي ايس 30، 31 ۽ اين اي 204 تي نعيم احمد کرل، سيد بچل شاهه جيلاني، جاويد شاهه جيلاني، فهد شاهه جيلاني، خالد حسين شيخ ۽ ٻين فارم جمع ڪرايا، جڏهن ته پي ايس 31 لاءِ منظور وساڻ فارم وصول ڪيو، فيض گنج جي پي ايس 29 تي جي ڊي اي اميدوار رفيق ٻانڀڻ، آبادگار اتحاد اڳواڻ مصطفيٰ بگهڙ، آزاد اميدوار علي مرتضيٰ شاهه سميت 14اميدوارن آر او آفيس پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرايا، پي ايس 29 تي نين تڪبدين ٿيڻ بعد پولنگ اسٽيشنز جو تعداد 146 ٿي ويو آهي، پي ايس 29 تي مجموعي طور تي 40 اميدوارن نامزدگي فارم وصول ڪيا آهن، رحيم بخش بوزدار جي پٽ قيصر بوزدار قافلي سان گڏجي آر او آفيس ميرپور ماٿيلو پھچي پي ايس 19 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، نوابشاهه ۾ اين اي 207 تي آصف زرداري جو نامزدگي فارم سندس ڀيڻ عذرا فضل پيچوهو، علي اڪبر جمالي، عبدالرسول بروھي سان گڏ وڏي قافلي جي صورت ۾ پھچي جمع ڪرايو، جڏھن ته اين اي 208 تي ايس يو پي جي زين شاهه فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، پي ايس 37 تي سيد فصيح احمد شاھ، جاويد اقبال آرائين، سيد زاھد حسين شاھ، سيد غلام محي الدين شاھ، محمد نديم سميت 14 اميدوارن پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا، هوڏانهن ماروي فصيح شاھ، طارق مسعود آرائين، سيد سجاد حسين شاهه سميت ستن اميدوارن فارم وصول ڪيا، اين اي 208 لاءِ سڪرنڊ جي رٽرننگ آفيس مان 31 فارم وصول ڪيا ويا، جڏهن ته ستن ڄڻن فارم جمع ڪرائي ڇڏياجن ۾ پ غلام مصطفيٰ شاهه، گل محمد رند، فاروق چانڊيو، محمد انوار، عبدالقيوم چنه، انيلا، محمود شاهه، سيد علي شاهه شامل آهن، پي ايس 38 تي 53 فارم وصول ڪيا ويا، 13 ڄڻن غلام قادر چانڊيو، زين شاهه، سيد منير شاهه ذاڪري، لياقت خانزادهه، نثار ڪيريو، نثار پرهياڙ ۽ ٻين فارم جمع ڪرايا، قاضي احمد جي پي ايس 39 تي خان محمد ڏاهري، اسماعيل  ڏاھري، سيد فصيح احمد شاهه، ڊاڪٽر بھادر ڏاهري، نواز ليگ جي وڏيري مختيار ناز ڌاريجو، سيد اعجاز شاھ، ايس يو پي جي چوڌري عارف نياز آرائين، تبريز انڙ، ماريا ڪليار، عبدالقادر خلجي، راڳي علي حسن خاصخيلي، فوزيا بشير خاصخيلي، علي محمد ڏاهري، جماعت اسلامي جي محمد زمان جوڻو سميت 15 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا، شھدادپور جي قومي تڪ اين اي 210 تي پ پ جوڻيجا گروپ جي اميدوار علاءُ الدين جوڻيجو پنهنجو فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، اڳوڻي ايم اين اي روشن جوڻيجي پنهنجي پٽ علاءُ الدين جوڻيجي کي اميدوار طور سامهون آندو آهي، ڄام نوازعلي  جي پي ايس 42 تي ڄام شبير، ڄام ذيشان، سيد نجم الدين شاهه خراساني، جي ڊي اي جي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي، وريام فقير خاصخيلي نامزدگي فارم آر او آفيس سنجهورو پهچي جمع  ڪرائي ڇڏيا، محرابپور ۾ آر او آفيس ۾ پي ايس 33 لاءِ 90 اميدوارن نامزدگي فارم وصول ڪيا، جن مان 23 فارم جمع ڪرايا ويا،  فارم جمع ڪرائيندڙن ۾ مراد علي شاهه، ۽ سندس ٻه پٽ سيد حسن علي شاھ ۽ سيد ظهير حسين شاهه، مسرور علي راڄپر، عثمان عالماڻي، مسرور چانگ، گل حسن مشوري، ايڊووڪيٽ غزالا پنهور، رفيق ڀنڀرو، امير علي شاھ ۽ ٻيا شامل آهن.