چونڊڪو (ن پ ا) چونڊڪو ڪوٽ بنگلو روڊ تان اغوا ٿيل مغوي محمد رمضان شر 20 ڏينھن گذرڻ باجود آزاد نه ٿي سگھيو، وارثن جو چونڊڪو بس اسٽينڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن ۾ وڪيل اعجاز احمد شر ثناء الله شر، نبي ڏنو شر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته پوليس ڪو به ٻوٽو ناھي ٻاريو، پوليس صرف آسرا ٿي ڏئي ته اسان ڪوششون ڪيون پيا، پر اسان پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناآھيون، ايترا ڏينھن گذرڻ باوجود فوجي محمد رمضان شر کي بازياب ناھي ڪرايو وارثن وڌيڪ اھو پڻ چيو ڪنھن سٺي ايماندار آفيسر کي انڪواري ڏني وڃي، جئين اسان جو ماڻھون آزاد ٿي سگھي ۽ اسان عيد ان سان گڏ گذاريو جڏھن ته احتجاج دوران سندس امڙ کي بيحوشي جا دورا پئي رھيا ھئا، مغوي جي وارثن ايس ايس پي خيرپور ڊي آءِ جي سکر ۽ آ ءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي مغوي محمد رمضان شر کي آزاد ڪرائي ڏنو وڃي.