چونڊڪو(ن پ ا) چونڊڪو ۾ تڙ کانبڙي جي رهواسين عرب شڪارين جي راکن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين علي مردان شنباڻي، صدورو، رسول بخش شنباڻي ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته عرب شڪارين جي راکن جو ظلم حد کان وڌي ويو آهي، هنن چيو ته پهاڙي بيلٽ جي نمبري تلاءَ وٽ قائم عرب پئلس جي راکن ارباب پنهيار ۽ حاڪم پنهيار ۽ ٻين جي تيز رفتار گاڏين اسان جو چوپايو مال ماري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هنن کي ڪافي ڀيرا منع ڪيو آهي جنهن تي اسان کي راکا لڏرائڻ ۽ پوليس ذريعي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.