چونڊڪو: ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو ۾ گذريل پنجن سالن دوران ترقياتي ڪمن نالي ايندڙ بجيٽ ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿيڻ بجاءِ سياسي هائوسن تي خرچ ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ نارا تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو ۾ گذريل پنجن سالن دوران ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري چونڊڪو شهر سميت ٽائون جا ست ئي وارڊ کنڊر جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن. شهر جون اڪثر ناليون ٽٽي تباهه ٿي ويون آهن جنهن ڪري نالين جو گندو پاڻي گهٽين ۽ روڊ رستن تي بيٺل آهي. گندگي سبب شهرين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. شهر جي مين بازار جا رستا به ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن. ٽائون انتظاميه پاران بازار جي رستن جي بحالي لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. رستن جي حالت خراب هجڻ سبب بازار ۾ خريدار لاءِ ايندڙ شهرين کي وڏيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن پر چونڊيل نمائندن شهر جي ڀلائي لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو آهي ۽ ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو کي ملندڙ ماهوار بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي.