چونڊڪو (رپورٽ: ممتاز علي سومرو) چونڊڪو ڀرسان شادي ڪاڄ تي ويندڙن جي ٻيڙي اونڌي، 11 ڄڻا نارا ڪئنال ۾ ٻڏي ويا، 5 ڄڻن کي بچايو ويو، ان ڏس ۾ نارا تعلقي جي کينهواري واري علائقي جي ڳوٺ چڀڙ شر جي رهواسين شر برادري جا ماڻهو شادي جي ڪاڄ تي ٻيڙي تي سوار ٿي وڃي رهيا هئا ته اوچتو ٻيڙي ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب ٻيڙي ٻڏي وئي، نتيجي ۾ 11 ڄڻا 7 ورهين جو راجا پٽ ميهر شر، 7 ورهين جو مصري ولد سالڪ شر، 45 ورهين جو سالڪ ولد مارو شر، 16 ورهين جو بخش علي ولد صاحب شر، بخش علي ولد غلام محمد شر، جمعو شر، خدا بخش ولد حاجي خان، مجيد ولد صالح، امان الله ولد شهزادو، الاهي بخش ولد سلطان، يامين ولد حبيب الله شر ٻڏي ويا، جڏهن ته ٻڏي ويلن مان 5 ڄڻن خدا بخش ولد حاجي خان، مجيد ولد صالح، امان الله ولد شهزادو، الاهي بخش ولد سلطان کي بچايو ويو، ۽ 6 ڄڻا راجا ولد ميھر، بخش علي ،ڏاڏو ولد عبدالڪريم، مارون ولد صالخ، بخش علي ولد غلام رسول، صالخ ولد مارون شر ڪئنال ۾ ٻڏي ويا آهن، ٻڏي ويل 6 ڄڻن جي مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ضلعي توڙي تعلقي انتظاميه منظرعام تان غائب رهي، مقامي ڳوٺاڻن ۽ ٻڏي ويلن جا وارث سندن ڳولا ۾ مصروف آهن،ٻي طرف ٻڏي ويل جي وارث محمد حسن شر ٻڌايو ته اسان جا همراھ مائٽن جي شادي تي ٻيڙي تي سوار ٿي وڃي رهيا هئا ته اچانڪ ٻيڙي جي هيٺان پاڻي اچڻ سبب ٻيڙي ٻڏي وئي جنهن ۾ 11 ماڻهو ٻڏي ويا جن مان 5 ڄڻن کي بچايو ويو باقي 6 ڄڻا پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ سبب اڃان لا پتا آهن، هن چيو ته اسان مقامي ڳوٺاڻن ٽوٻن جي مدد سان ڳولا پيا ڪيون باقي سرڪاري سطح تي ڪابه پرگهور نه لڌي وئي آهي، ضلعي توڙي تعلقي انتظاميه ڪابه مدد ناهي ڪئي ريسڪيو وارا پهچي فوٽو ڪڍي واپس هليا ويا آهن. هنن چيو ته اسان وٽ هن جديد دور ۾ به پل جي سهولت نه ملي سگهي آهي. جنهن ڪري اڪثر ماڻهون ٻيڙين ذريعي سفر پيا ڪن.