مسڻ (ن پ ا) مسڻ وڏي ڀرسان يوسي لانڍي جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آهن، ڳوٺ ڊاڪٽر حيدر بخش ڊيشڪ، ڳوٺ ڪبير خان لاشاري، نواب خان ڊيشڪ، سليم خان ڊيشڪ، ڳوٺ جان محمد لاشاري ۽ ڳوٺ علي خان ڊيشڪ جديد دور ۾ روڊ، اسڪول ۽ اسپتال کان محروم بڻيل آهن،ٻي طرف بنيادي سهولتن نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران مير حسن ڊيشڪ، غلام حيدر، ڌوڌا خان ڊيشڪ،مير محمد ڊيشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهي، اميدوار اليڪشن وقت واعدا ڪري وڃن ٿا، اليڪشن بعد ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو نه هوندو آهي.  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.