اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته منهنجي “گڊ ٽو سي يو“ جي معصوماڻن ريمارڪس کي طنزيه بيان طور پيش ڪيو ويو، هر ڪنهن کي گُڊ ٽو سي چوندو آهيان، شارٽ ۽ سوئيٽ واري منهنجي بيان کي به ميڊيا ۾ طنزيه انداز ۾ پيش ڪيو ويو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال نئين عدالتي سال جي موقعي تي فُل ڪورٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئيني اشوز ۾ ڦاسائي عدالت جو امتحان ورتو ويو، عدالت پاڻ به ڪيترائي ڀيرا سخت امتحان ۽ ماحول جو شڪار ٿي، جيڪي واقعا پيش آيا، انهن سان عدالتي ڪارڪردگي متاثر ٿي، آڊيو ليڪس ڪيس جي فيصلي ۾ سمورن واقعن کي حصو بڻايو، چيف جسٽس چيو ته سمورن ساٿي ججن جو مون سان ورتاءُ سٺو رهيو، اسان مان ڪنهن به اسيمبلي ٽوڙڻ بعد عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ تي اختلاف نه ڪيو، ڏکيائي اِنڪري پيش آئي جو اها هڪ سياسي ويڙهه هئي، عدالت جي ذميواري اهو ٻڌائڻ آهي ته آئين ڇا ٿو چوي، عدالت جون به ڪجهه آئيني حدون آهن جنهن جا پابند آهيون، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته شديد تنقيد باوجود سال جي 9 مهينن ۾ رڳو هڪ پاڻمرادو نوٽيس ورتو، اُميد ته قابل جان نشين پاڻمرادي نوٽيس جي معاملي ۾ بهتر مڪينزم جوڙيندا، نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ساراهه ڪندي چيف جسٽس چيو ته اِن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جسٽس قاضي فائز سندس لاءِ محترم ۽ معتبر آهي، جسٽس فائز ڏاڍو سٺو انسان آهي، منهنجو ۽ هن جو ڪم ڪرڻ جو طريقو الڳ آهي، جتي آزاد دماغ هوندا آهن ته اتي اختلاف ٿيندو آهي،  اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ڊئم فنڊ جي به ساراهه ڪندي چيف جسٽس چيو ته اهو عوام جو اعتماد آهي جو آگسٽ 2023ع دوران ڊئم فنڊ ۾ 4 لک رپين جو اضافو ٿيو. چيف جسٽس چيو ته عورت جج اچڻ سان سپريم ڪورٽ وڌيڪ مضبوط ٿي، چيف جسٽس چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون ٺيڪ ناهن، دعا آهي ته ملڪ ۾ استحڪام اچي، جڏهن استحڪام ايندو ته عدليه سميت هر ادارو مستحڪم ٿيندو، رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس طور تمام گهڻيون اميدون کڻي وڃي رهيو آهيان، پراميد آهيان ته سپريم ڪورٽ تمام گهڻو ڏکيو وقت گذاري چڪي آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل سال التوا هيٺ ڪيسن ۾ گهڻي گهٽتائي نه آڻڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪيسن جي انگ ۾ 2 هزار جي گهٽتائي ڪري سگهيس، ڪوشش ڪئي ته ڪيس 18 هزار کان گهٽ ٿي سگهن، چيف جسٽس چيو ته صحافي معاشري جون اکيون ۽ ڪن هوندا آهن صحافين کان اميد هوندي آهي ته اهي درست رپورٽنگ ڪندا، درست رپورٽنگ تي آجيان ۽ غلط رپورٽنگ کي درگذر ڪندا آهيون