اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عام چونڊن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ پولنگ اسٽيشن تي ڊيوٽي لاءِ هڪ لک 67 هزار 733 اهلڪارن جي کوٽ سامهون اچي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 5 لک 35 هزار 402 سيڪيورٽي اهلڪارن جي ضرورت آهي. چئني صوبن سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ بابت وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد لاءِ پولنگ ڊي تي 3 لک 67 هزار 669 سيڪيورٽي اهلڪار موجود آهن. اسلام آباد ۾ 4500، پنجاب ۾ 1 لک 30 هزار سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ ڊي تي سيڪيورٽي لاءِ دستياب آهن. سنڌ ۾ هڪ لک پنج هزار، ڪي پي ڪي ۾ 89 هزار 959 ۽ بلوچستان ۾ 38 هزار 210 صوبائي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.