اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ وڏن ڪيسز جي ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ عام چونڊن ۽ فوجي عدالتن جا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاڪ عرب ريفائنري ملازمن ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ملازمن جي وڪيل استدعا ڪئي ته پاڪ عرب ريفائنري ملازمن جو ڪيس 15 ڏينهن  کان پوءِ مقرر ڪريو. التوا جي استدعا تي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ اهم ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ عام چونڊون ۽ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل جا ڪيس مقرر ٿيڻ وارا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ مشڪل ڪيس اچڻ وارا آهن جنهن دوران ٻيا ڪيسز ٻڌڻ مشڪل هوندو. هن ڪيس کي 2 مهينن کان پوءِ مقرر ڪنداسين. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاڪ عرب ريفائنري جي ڪيس کي 2 مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.