چونڊن کي نه تسليم ڪيو ۽ نه ڪنداسين، موجودهه اسيمبليون عوام جون ناهن: فضل الرحمان

0
31
چونڊن کي نه تسليم ڪيو ۽ نه ڪنداسين، موجودهه اسيمبليون عوام جون ناهن: فضل الرحمان
چونڊن کي نه تسليم ڪيو ۽ نه ڪنداسين، موجودهه اسيمبليون عوام جون ناهن: فضل الرحمان

سکر/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته  سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي عوام جو حق آهي، فيبروري 2024ع جي چونڊن کي تسليم نه ڪيو هيو، نه ڪنداسين،ان کي تسليم ڪرڻ اسان جي نظريي جي خلاف هوندو، جيستائين ملڪ ۾ منصفانه اليڪشن نه ٿيندي اسان سڪون سان نه ويهنداسين، هي اسيمبليون عوام جون ناهن، اسٽيبلشمينٽ جي خريد ڪيل اسيمبليون آهن، جيڪي خريد ڪري ۽ ٻوليون لڳائي ٺاهيون ويون آهن، هن چيو ته جنهن صوبي ۾ وفاق جي يلغار جي شڪايت آهي انهن ماڻهن کي حڪمراني به ته انهن ئي ڏني آهي، جڏهن اهي نااهلن کي حڪمراني ڏيندا ته نتيجا اهي ئي ايندا، هن چيو ته جڏهن هڪ صوبي جا ماڻهو اچي رهيا هئا ته انهن ئي ماڻهن رستا کولي انهن کي رستو ڏنو ۽ احسان ڪيو ته انهن تي گولي نه هلائينداسين، جڏهن هو ڊي چوڪ تي پهتا ته پوءِ گوليون ڇو هلايون ويون؟ سياسي ڪارڪن هئا، جيڪڏهن ٽي چار ڏينهن ويهي رهن ها ته ڇا ٿئي ها، اسان ڪنهن پارٽي جي فيصلن جا ذميوار ناهيون، پر جيڪڏهن هو اسان سان مشورا ڪندا ته اسان انهن کي مشورو پوري ديانتداري سان ڏينداسين، هن چيو ته هر اليڪشن ۾ اهڙيون اسيمبليون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جنهن سان انهن ۽ انهن جي پٺيان موجود طاقتون فائدو حاصل ڪندي ترميمون ڪرائي سگهن جنهن سان آئين جو هليو ئي بگڙي ويندو آهي، هن چيو ته خريد ڪيل اسيمبلين ذريعي آئين جي روح کي نقصان پهچايو ويو، مرضي جي قانون سازي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان جون 16 سيٽون هيون، پر اسان جي مينڍيٽ کي چوري ڪري 8 سيٽن تائين محدود ڪيو ويو، پر الله انهن ماڻهن کي اهڙو ڦاسايو ته انهن وٽ مسئلي مان نڪرڻ جي لاءِ ڪو رستو باقي ناهي، هن آصف علي زرداري کان سوال ڪيو ته ديني مدرسن جي حوالي سان بل تي صحي نه ٿي رهي هئي، جيتوڻيڪ ان تي پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي قيادت اتفاق راِءِ ڪيو هو، پوءِ ڇو صحي نه ٿي رهي آهي، جي يو آءِ پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اُٿندي ۽ اسلام آباد جو رخ ڪندي، 8 ڊسمبر تي پشاور ۾ اسرائيل مردهه آباد سان گڏ حڪمران مردهه آباد جو نعرو هنيو ويندو، هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي، معظم عباسي، ڪاظم عباسي ۽ ٻين طرفان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي مان ۾ ڪوٽ دراب خان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عباسي خاندان سان پراڻا، سٺا ۽ ويجها تعلقات آهن، مان لاڙڪاڻي اچڻ تي هتي ضرور ايندو آهيان، هن چيو ته 26 هين ترميم ۾ 52 شقون هيون، جن کي گهٽائي 22 شقن تائين آندو، ان ترميم ۾ ڪجهه اهڙيون شقون موجود هيون جيڪي انساني حقن جي خلاف هيون پر جي يو آءِ انهن شقن کي مؤثر طريقي سان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي، هن چيو ته جي يو آءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف آهي ۽ پنهنجي جدوجهد کي جمھوري طريقي سان اڳتي وڌائي رهي آهي، صفدر عباسي چيو ته جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي ملڪي توڙي صوبائي سطح تي ٻرندڙ مسئلن تي گڏجي جدوجهد ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري اسان ٻئي جماعتون 2024ع جي جعلي چونڊن کي تسليم نه ٿا ڪيون، جن ۾ پ پ مخالف اميدوارن کي شڪست ڏياري وئي.