اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چونڊن کان 10 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود کي 10-10 سال جبري پورهئي سان قيد جي سزا، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو، خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات مختصر زباني فيصلو ٻڌايو،  سائفر ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابوالحسنات اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائيندي ٻنهي اڳواڻن کي سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي،  پي ٽي آءِ جو باني ۽ شاهه محمود قريشي فيصلو  ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هئا.  پي ٽي آءِ باني جو عدالت ۾ 342 جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو، عدالت پي ٽي آءِ جي باني کي مخاطب ٿيندي چيو ته سائفر ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ باني چيو ته مون کي خبر نه آهي،  سائفر منهنجي آفيس ۾ هو، جج ابوالحسنات ٻنهي اڳواڻن کي چيو ته مون ڏانهن ڏسو، مان توهان کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌايان ٿو،  شاهه محمود قريشي پاران بيان رڪارڊ ڪرڻ کاڻ اڳ ئي فيصلو ٻڌائڻ تي احتجاج ڪيو ويو اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين جوابدارن جي موجودگي ۾ عدالت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪندي سزا ٻڌائي. جڏهن ته عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته جنرل باجوه جي چوڻ تي سائفر چوري ڪيو ويو، چونڊيل وزيراعظم خلاف سازش ۾ باجوه ۽ ڊونلڊ لو شامل هئا، حسين حقاني باجوه جي چوڻ تي منهنجي خلاف لابنگ ڪئي، باجوه سان ملاقات لاءِ 3 رُڪني ڪاميٽي جوڙي، باجوه ڪاميٽي کي چيو پنهنجو قبلو درست ڪريو، نه ته 12 سالن لاءِ اندر ويندا، 22 آگسٽ تي ايوانِ صدر ۾ باجوه سان ٻيهر ملاقات ٿي، جتي هُن چيو ته سائفر تي نه ڳالهايو، مير جعفر ۽ مير صادق چوڻ بند ڪريو، توهان تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ لاڳو ٿيندو، جلسي ۾ جيڪا ڪاپي لهرائي، اُها سائيفر جي پيرافريز ڪاپي هئي، هوڏانهن پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان سائفر ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري فيصلو ٻڌايو ويو، هن چيو ته هنن پي ٽي آءِ باني کي موت جي سزا ٻڌائڻ پئي چاهي پر عوام جي خوف کان ان سزا کي 10 سال قيد تائين محدود ڪيو ويو آهي، موت جي سزا ٻڌائن ها تڏهن به اسان تيار هئاسين، اسان جا ڪارڪن پرامن آهن، اسان جو ڌيان اليڪشن تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 8 فيبروري تي سڀني جو احتساب ٿيندو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ همدرد صبر جو مظاهرو ڪندي پرامن احتجاج ڪن، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ مان انصاف ملڻ جي اميد آهي، سزا خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين، هاءِ ڪورٽ سزا ختم ڪري ڇڏيندي.