ڪوئيٽا/ پشين/ قلعه سيف الله  ( م ڊ ) عام چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ بدترين دهشتگردي،  ٻن ضلعن ۾ چونڊ آفيسن ٻاهران ڌماڪا، 29  ڄڻا مارجي ويا ، 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي، بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ جي يو آءِ ( ف ) جي آفيس ٻاهران ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ موجود موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته فائربريگيڊ عملو به موقعي تي پهچي ويو، پشين کانپوءِ قلعه سيف الله ۾ جي يو آءِ ف جي آفيس آڏو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا، حملي ۾ جي يو آءِ جو اميدوار عبدالواسع محفوظ رهيو، اليڪشن ڪميشن ڌماڪن جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، پوليس موجب، ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي آهي. خانوزئي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ تصديق ڪئي ته ڌماڪي کانپوءِ 12 ڄڻن جا لاش ۽ 30 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي جنهن ۾ گهڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي چيو ته خانوزئي ۽ قلعي سيف الله ۾ افسوسناڪ واقعا ٿيا، خانوزئي ڌماڪو آپگهاتي نه هو، ڌماڪيدار مواد موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو.  هندستان عالمي دهشتگرد شهيدن جو پلاند وٺنداسين، اڄ هر صورت ۾ چونڊون ٿينديون،  بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي موجب، قلعي سيف الله ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ اميدوار مولانا عبدالواسع محفوظ رهيو. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پشين ۾ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. دهشتگردي واقعي خلاف 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.