ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد احمد شاهه چيو آهي ته چونڊن وقت ڪجهه قوتون دهشتگردي ڪرائي سگهن ٿيون، صوبي ۾هٿيارن جي نمائش تي مڪمل پابندي آهي، اليڪشن شفاف طريقي سان ڪرائي ويندي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏي وزير ڪليئر هدايتون ڏنيون آهن ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، هٿيار کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ صبح جو ڊي آر اوز کي بيلٽ باڪس ڏنا ويندا، وڏي وزير سيڪيورٽي انتظام بهتر ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون آهن، هن چيو ته دريائي ڪچي جو انٽيليجنس آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي، چونڊن بعد ڏوهارين خلاف اثرائتيون ڪارروايون ڪيون وينديون، ايران سميت مختلف سرحدن کان دهشتگرد اچي سگهن ٿا، ان بابت ڪيترائي اطلاع آهن، صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سينٽرل انفارميشن سينيٽر قائم ڪندي، جتان تصديق ٿيل خبرون ڏنيون وينديون، هن وڌيڪ چيو ته پولنگ عملي کي واپسي تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، خيرپور، سانگهڙ مٽياري  ۽ ڪراچي جا ڪجهه ضلعا انتهائي حساس آهن،  اڳوڻي پ پ ايم پي  اي ذوالفقار شاهه تي حملي بابت اطلاع ملڻ تي سڀني سان رابطي ۾آيس. ذوالفقار شاهه کي ڪا به گولي ناهي لڳي،  کيس شيشي جا ٽڪرا لڳا آهن،