چونڊن واري ڏينهن جي ڊي اي يا ڪجهه ٻيو نه پر رڳو تير هلندو: آصفه ڀٽو

0
47
چونڊن واري ڏينهن جي ڊي اي يا ڪجهه ٻيو نه پر رڳو تير هلندو: آصفه ڀٽو
چونڊن واري ڏينهن جي ڊي اي يا ڪجهه ٻيو نه پر رڳو تير هلندو: آصفه ڀٽو

آصفه ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ بدين پهچي وئي، آصفه جي ريلي جي صورت ۾ بدين پهچڻ تي جيالن پاران پرجوش آجيان ڪئي وئي

آصفه ڀٽو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته جي ڊي اي يا ڪجهه ٻيو نه پر رڳو تير هلندو، 8 فيبروري تي سنڌ مان پيپلزپارٽي جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا، آصفه ڀٽو زرداري ريلي ۾ پارٽيءَ جا نعرا به هڻايا

آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته منهنجو ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري اوهان جي اميد آهي، بلاول ڀٽو کي ڪامياب ڪرايو هو سڀني مسئلن کي حل ڪري ڇڏيندو

هن چيو ته آصفه ڀٽو زرداري چيو ته عوام پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري ته جيئن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجي، 8فيبروري تي سنڌ مان  پيپلز پارٽي جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا