اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اليڪشن ڪميشن بابت ڪيس ۾ فل ڪورٽ بنائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ سوموٽو ورتو ويو هو ان ڏينهن اها ڳالهه ٿي هئي ته چار ٽن جي اڪثريت سان فيصلو رد ٿي ويو. استدعا آهي ته ادارن جي عزت ۽ سلامتي رکڻ لاءِ فل ڪورٽ بينچ بڻايو وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس اعجازالاحسن رضاڪارانه طور تي ڪيس کان ڌار ٿيا. جسٽس منصور ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو فيصلو آيو، ٻه مختلف طبقا آهن جيڪي مختلف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪالهه ٻن ججز جي اختلافي نوٽ کان پوءِ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪيس تي 13 رڪني بينچ بنجڻ گهرجي. ڪالهه جيڪي 2 ججز فيصلو ڏنو انهن به ساڳئي طرف اشارو ڏنو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم هڪڙي ماڻهو طور تي فيصلا ناهي ڪندو ان ۾ ڪابينا جي مشاورت شامل هوندي آهي. ادارن اندر ورڇ ۽ شڪ ختم ڪرڻ لاءِ 13 رڪني بينچ هجڻ گهرجي.