چولستان ۾ گرين پاڪستان رٿا تي ڪم شروع: فوج ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي: آرمي چيف

0
116
چولستان ۾گرين پاڪستان رٿا تي ڪم شروع: فوج ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي: آرمي چيف
چولستان ۾گرين پاڪستان رٿا تي ڪم شروع: فوج ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي: آرمي چيف

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي چولستان ۾ گرين پاڪستان رٿا تي ڪم شروع ٿي ويو، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي. پنجاب جي علائقي چولستان ۾ڪَنڊائِي ۽ شاپوُ ۾ گرين پاڪستان رٿا جو افتتاح ڪيو ويو،  افتتاحي تقريب دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير خصوص طور شرڪت ڪئي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سوڌو وفاقي ۽ صوبائي وزير به شريڪ هئا، تقريب دوران گرين ايگري مال اينڊ سروسز ڪمپني جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته  هي ڪمپني هارين کي معياري ٻِج، ڀاڻ، ڪيڙا مار دوائون ۽ ڊرونز سوڌو جديد زرعي مشينري سستي اگهه ۾ مهيا ڪندي، 5 هزار ايڪڙن تي ٻڌل جديد زرعي فارم جو به آغاز ڪيو ويو، هن فارم ۾ گهٽ پاڻي ۾ اُپت ممڪن بڻائڻ لاءِ جديد زرعي طريقا ۽ آبپاشي نظام ڪتب آندو ويندو، افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ جديد زرعي انقلاب جو بُنياد رکيو ويو آهي، هن رٿا سان پنجاب جي هارين لاءِ نئين دور جي شروعات ٿي آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير خطاب ۾ چيو ته پنجاب پاڪستان جو زرعي پاور هائوس بڻجي ويو آهي، پنجاب جي هارين جو جديد زراعت ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، فوج ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي، آرمي چيف پاران گرين ڪارپوريٽ رٿا ۾ پنجاب سرڪار جي ڪم جي پڻ ساراهه ڪئي.