اسلام آباد : وفاقي حڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل لکت ۾ ڪينالن بابت جواب ۾ تصديق ڪئي وئي آھي ته سنڌو دريا جي ڪينالن واري نظام تحت ڪينال تعمير ڪري چولستان ڪينال فراهم ڪيو ويندو. پاڻي  وسيلن واري  وزير پاران لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب جي  آبپاشي کاتي  جي تجويز  مطابق دريائن وچ ۾ پاڻيءَ جي منتقليءَ جي موجوده انتظام کي رسول قادر آباد (آر ڪيو) قادر آباد بلوڪي (ڪيوبي) ۽ بلوڪي سليمانڪي (بي ايس) رابطه ڪئنالن جي بحالي ۽ بهتري  لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو ته جئين چولستان ڪئنال کي  پاڻي فراهم ڪري سگهجي.