ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۽ بلوچستان سرڪار ۾سنڌو مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ  واري معاملي جو ڪيس رکڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي ڌار ڌار خط لکڻ تي اتفاق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۾ سي سي آءَ اجلاس لاءِ وفاق کي خط لکڻ تي مشاورت ڪئي وئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪينال ٺاهڻ واري معاملي جو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏي وزيرن پاران وفاقي حڪومت کي ڌار ڌار خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب  پيپلز پارٽي قيادت کان گرين سگنل ملڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان مشاورت ڪري ورتي آهي. مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي وڏي وزير پاران امڪاني طور ڊسمبر ۾ ٿيندڙ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڪينالن جي تعمير ۽ سنڌ جي رائلٽي جي معاملي تي ڪيس رکيو ويندو.