تمام وڏي لاڳت سان سان تقريباَ 190 ڪلوميٽر ڊگهو ٺهندڙ چولستان ڪئنال نه پر، ھڪ ڊگھو درياءَ آهي۔ جنهن جي ٺھڻ سان سنڌو درياءَ جو مڪمل طور تي رُخ ئي مُڙي ويندو۔ انهن ٺهندڙ ڇھن ڪئنالن سان سڀ کان پھرين سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رَسندو، ڇو ته سنڌ جي سموري معشت زراعت تي آڌاريل آھي۔ سنڌ جو هاري ۽ آبادگار طبقو ٻئي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ٿيڻ شروع ٿي وينديون، فضل تباهه ٿي ويندا ۽ چوپايي مال جي اڃ اجھائڻ مشڪل ٿي ويندي. درياءَ جو رخ موڙڻ سان سڄي سنڌ ٺوٺ ٿي ويندي!
هاڻي اسان ڪالم جي متن تي اينداسين ۽ ذڪر “ڪاربوريٽ فارمنگ” جو ڪنداسين ته ڪاپوريٽ فارمنگ آھي ڇا۔۔؟ ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سياسي قيادت اسان کي بس اهو ئي ٻڌايو آهي ته، اسان پنج سئو ارب ڊالر ڪمائينداسين. دراصل پاڪستان جي ھڪ وڏي ريگستان کي سرسبز بڻائڻ جي چڪر ۾ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش رچائي وئي آھي. اهي چون ٿا ته ان ريگستان کي آباد ڪري اتي فصل پوکي سرسبز ڪنداسين بقول پاڪستان جي وفاقي سرڪار جي ته، انهن لاءِ ٻاهرين ملڪن جون ڪمپنيون هتي ڊرون ذريعي ٻيج ڇَٽرائينديون، ان مان اسان کي پنجاهه ارب ڊالر جو منافعو پڻ ٿيندو پاڪستان جي اريگيشن سسٽم مطابق چئن صوبن ۾ 114 اي ايم ايف پاڻي ورهائبو آهي۔ ان جي باوجود به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ وڏي مشڪل سان ئي پاڻي پھچندو آهي۔ جيڪو پاڻي به ورهائجي پوءِ پھچي ٿو۔ ياد رھي ته، 1991ع ڌاري پاڻي ٺاھ کانپوءِ ارسا کي وجود ۾ آندو ويو ھو پر، بدقسمتي اها ته پاڻي جي معاملي تي خود ارسا به پنجاب ۽ وفاق جي ڌر بڻيل آهي. هن وقت ڪئنال نه هجڻ جي باوجود به سنڌ سورن ۾ آهي. ان کي پنھنجي حصي جو پورو پاڻي ملي ئي ڪونه ٿو سگھي ته پوءِ ڪئنالز جي ٺھڻ کانپوءِ سنڌ سان ڪهڙي ويڌن ٿيندي؟
آئون اهو واضح نموني چوڻ ٿي چاهيان ته جنهن کي هو پاڻي جو درياءَ ٿا سمجهن، آئون ان کي پنهنجو اَن داتا سمجهان ٿي. توڙي جو انساني جياپي جو سمورو دارومدار ئي پاڻي تي آھي۔ جيڪڏھن پاڻي کسيو ويو ته پوءِ سنڌ بُٺ ۽ بنجر ٿي ويندي. سنڌي ماڻھن کي رزق ۽ روزي کسجي ويندي. زندگي کسجي ويندي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته سنڌ جي ماڻھن جي جياپي دارومدار زراعت تي آھي۔ جيڪڏھن زراعت تباھ ٿي وئي ته سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويندو. اسانجي ثقافت ۽ تھذيبي زندگي جو سڀ کان وڏو اھڃاڻ سنڌو درياءَ آھي۔ اسان سنڌ جا ست ڪروڙ ماڻھو ھھڙي خطرناڪ منصوبي کي رد ڪندي وفاق کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪنئالز وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهرج موجب پاڻي ڇڏيو وڃي. ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ڊيلٽا ۾ وڏي تباهي آئي آهي. تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن، جهينگي ۽ پلي جو نسل ختم ٿيندو وڃي. درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ نه ڇڏڻ جي ڪري سمنڊ ڌوڪيندو، وڌندو اچي ۽ اهو سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ اهو عمل جاري آهي. سمنڊ ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو ڇوڙ ضروري آهي، ان ڪري ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهرج موجب پاڻي جو ڇوڙ ضروري آهي، جنھن سان سنڌ جي ساحلي پٽي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين تباھ ٿيڻ کان بچي پَوندا.